ڀارتي اداڪارا حنا خان ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ باوجود پنهنجي حوصلي ۽ صقين سان مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن.
ڊرامي ”يي رشتا ڪيا ڪهلاتا هي“ ۾ اڪشراهه نالي ڪردار بخوبي نڀائڻ واري اداڪارا حنا خان تازو ئي انڪشاف ڪيو هو ته هن ۾ اسٽيج ٿري جي ڪئنسر جي تشخيص ٿي آهي.
انسٽاگرام پوسٽ ۾ اداڪارا حنا خان ٻڌايو هو ته ها مون ۾ ڪئنسر جي تشخيص ٿي آهي پر اها پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي مان خيريت سان آهيان، مان انهيءَ بيماري سان وڙهڻ لاءِ بي حد مضبوط ۽ پرعزم آهيان.
هن جو چوڻ هو ته منهنجو علاج شروع ٿي چڪو آهي، انهي بيماري جي خاتميءَ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿيو لازمي ڪنديس.
تازو ئي انسٽاگرام تي هن هڪ اسٽوري اپڊيٽ ڪئي جنهن ۾ هن دل ۽ کلندڙ اموجي جو استعمال ڪندي لکيو ته ”اهو به گذري ويندو“
اداڪارا جي اهڙي حوصلي کي ڏسڻ بعد سوشل ميڊيا واهپيدارن سميت شوبز فنڪار اداڪارا جي همٿ کي داد ڏيندي نظر آيا.
HinaKhan Pakistan Actress
You might also like