پاڪستاني ڊرامي بلبلي مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا عائشا عمر اداڪار علي عباس طرفان ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي بيان جي حمايت ڪري ڇڏي.
انسٽاگرام تي اداڪارا عائشا عمر ساٿي فنڪار علي عباس جي وائرل وڊيو جي ڪلپ ري شيئر ڪندي اداڪار جي ڳالهه تي اتفاق ڪيو.
انسٽاگرام اسٽوري تي اداڪارا عائشا عمر جو چوڻ هو ته اسان جي ٻارن کي ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت آهي، جيئن هو ڪاميابي حاصل ڪري سگهن، ٻارن کي آئوٽ ڊوز گيمز کيڏڻ جي ضرورت ناهي نه ئي سوشل ميڊيا ڪانٽينٽ ٺاهي اپلوڊ ڪرڻ به لازم آهي.
واضح رهي ته علي عباس ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت دوران ٽڪ ٽاڪ سميت سوشل ميڊيا تي پابندي جو مطالبو ڪيو هو.
TikTok AishaUmar AliAbass
You might also like