پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت هوندي باني جي آزادي جو امڪان ناهي: فواد چوڌري

جهلم (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت جي هوندي پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو امڪان ناهي.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته قيادت جي سياسي حڪمت عملي نه هجڻ سبب اسان چٿيا پيا وڃون، اهي چئي رهيا آهن برو وقت ختم ٿي ويو آهي ته اسان ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
هن چيو ڏکيو وقت پي ٽي آءِ باني ۽ اسان لاءِ ته ختم ناهي ٿيو، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري جيلن ۾ آهن، انهن تي هاڻ به ڏکيو وقت آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو پشاور مان هلندا آهن ۽ لاهور ۾ جلسو ڪري هليا ويندا آهن.

fawadchaudhry pti imrankhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.