روهت ۽ ويرات کانپوءِ هڪ ٻئي ڀارتي رانديگر به ريٽائرمينٽ وٺي ڇڏي

ڀارتي آلرائونڊر رويندر جديجا ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز مان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽر رويندر جديجا انسٽاگرام تي ٽي ٽوئنٽي ٽرافي سان پنهنجي تصوير شيئر ڪندي مداحن لاءِ هڪ خاص وڊيو پيغام جاري ڪيو.
جديجا چيو ته ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز کي الوداع چئي رهيو آهيان، مون هڪ تيز رفتار گهوڙي وانگي فخر سان پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندي سدائين بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن پنهنجي ٽيم کي کٽرائي سگهان.
آلرائونڊر جو چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ هڪ خواب هو، ۽ اهڙي ريت منهنجي ٽي ٽوئنٽي ڪيرئر جو اختتام اهم ترين موقعي تي ٿيو آهي، باقي ٻين فارميٽس ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندو رهندس.
India bharat T20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.