ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ڀرسان تيز رفتاري سبب پڪنڪ تي ويندڙ بس اونڌي ٿيڻ سان عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب واقعو ماڙي پور ٽرڪ اڏي ڀرسان پيش آيو، حادثي ۾ 4 ٻارن ۽ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته بس سان حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، حادثي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو پڪنڪ تي وڃي رهيا هئا.
بس ۾ سوار ٿي پڪنڪ تي ويندڙ سمورا متاثر عزيز آباد بنگوريه ڳوٺ جا رهواسي آهن ۽ سڀني جو واسطو هڪ ئي خاندان سان آهي.
اسپتال انتظاميا موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن مان 7 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
karachi maripur sindh