حيدرآباد: ڀت ۾ قيد ماءُ ۽ ڌيءُ کي حفاظت سان ڪڍيو ويو، واقعي جو ڪيس داخل

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ گهريلو تڪرار تان قيد ماءُ ۽ ڌيءُ کي پوليس آزاد ڪرائي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
لطيف آباد بي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪندي گهريلو تڪرار تي قيد ڪيل ماءُ ۽ ڌيءُ کي آزاد ڪرائي ورتو.
پوليس ترجمان موجب ڪارروائي لطيف آباد يونٽ نمبر 5 جي هڪ گهر ۾ ڪئي وئي، جتي گهريلو تڪرار تي ڀائٽين پنهنجي چاچي ۽ ان جي ڌيءُ کي ڪمري ۾ بند ڪري در سامهون ڀت ٺهرائي ڇڏي هئي ۽ فرار ٿي ويا هئا.
مقامي ماڻهن پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو، جنهن تي بي سيڪشن پوليس پهچي ڀت ڀڃي ماءُ ۽ ڌيءُ کي حفاظت سان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.
تسليم جهان نالي عور ت ۽ سندس ڌيءُ دعا کي هڪ ڏينهن اڳ قيد ڪيو ويو هو، پوليس علائقي ۾ پهتي ته گهر جي مک دَر تي به تالو لڳل هو.
پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

latifabad hyderabad sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.