گيانا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ بابر اعظم جي هڪ ٻئي رڪارڊ تي قبضو ڄمائي ورتو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏيندي ئي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما بابر اعظم کان هڪ ٻيو اعزاز کسي ورتو، هو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ ڪپتان طور 49 ميچون کٽي ڪامياب ترين ڪپتان بڻجي ويو آهي.
روهت شرما لاڳيتو ڪاميابن کي به 11 ميچن تائين وڌائي ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ روهت شرما آسٽريليا خلاف ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن ٺاهڻ جو رڪارڊ پڻ ٽوڙي ڇڏيو هو.
T20Worldcup2024 RohitSharma BabarAzam