ڀارتي فوج جا 5 اهلڪار مشقن دوران ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جا 5 اهلڪار ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب فوجي اهلڪار اوڀر لداخ ۾ لائن آف ايڪچوئل تي معمول جون مشقون ڪري رهيا هئا، ان دوران ٽئنڪن تي سوار ٿي درياهه پار ڪرڻ لڳا ته اوچتو وڏو وهڪرو اچي ويو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو واقعو دولت بيگ اولڊي جي علائقي ۾ پيش آيو، درياهه پار ڪندي اوچتو پاڻي جي سطح وڌي وئي، جنهن سان ٽئنڪن جو توازن بگڙي ويو ۽ 5 اهلڪار لڙهي ويا.

india newdelhi ladakh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.