تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر سائفر جو الزام آمريڪا تي هڻي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب آمريڪي نمائندن جي ايوان مان ٺهراءَ جي منظوري کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا تي سائفر جو الزام هڻي ڇڏيو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدت ڪيس جو فيصلو چئلينج ڪري رهيا آهيون، مان مصروفيتن سبب جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني.
سندس موجب وزيراعظم تسليم ڪيو ته هيءَ آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، محسن نقوي 450 اربن جي ڪڻڪ درآمد ڪرائي، حڪومت هاڻ چئي رهي آهي ته ڪڻڪ برآمد ڪنداسين.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪا سائفر ذريعي پاڪستان ۾ مداخلت ڪئي.

pti usa omarayub

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.