ڪراچي/ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ/پريم راٺوڙ) عوامي آواز جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس امڙ مسمات پٺاڻي پاران ڪراچي ۾ وڏي وزير جي رهائشگاهه ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي. 3 جولاءِ تي ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو.
شھيد جي امڙ مسمات پٺاڻي چيو آهي ته ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو لڳل ڌرڻي ۾ ايس ايس پي منھنجي گھر اچي يقين ڏياريو ته ٽن ڏينهن ۾ قاتل گرفتار ڪندس پر رڳو ھڪ نوڪر گرفتار ڪري چپ ڪري ويهي رهيو آهي منهنجي پٽ جا قاتل جيستائين تائين گرفتار نه ٿيندا چپ ڪري نه ويھندس.
هن چيو ته مون پ پ پ قيادت کي ويڊيو بيان ذريعي چيو ته منهنجي پٽ جي قاتلن کي توهان پارٽي مان ڪڍو پ پ شھيدن جي پارٽي آهي ۽ جيڪڏهن توهان کي شھيدن جو قدر آهي ته منهنجي پٽ جي قاتلن خالد لنڊ ۽ پٽن کي پارٽي مان فارغ ڪيو.
ھن پنهنجي ويڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سي ايم هائوس تي ڌرڻي ھڻڻ کانپوءِ به پ پ قيادت قاتل گرفتار نه ٿي ڪري ته پوءِ پنهنجي مٿان پئٽرول ھاري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.
ھن سنڌ جي شعور رکندڙن کي اپيل ڪئي ته ڪراچي ۾ گڏ ٿي قاتلن جي گرفتاري لاءِ منھنجو ساٿ ڏين.
ٻئي پاسي جماعت اسلامي 3جولاء تي امان پٺاڻي جي قيادت ۾ نصراللہ گڈاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان چيو آھي تہ حڪومت جي غفلت سبب سنڌ صوبو جان محمد مھر کان وٺي نصرالله گڏاڻي تائين مقتل گاهه بڻجندي پئي وڃي. عملي طور حق ۽ سچ لکندڙ صحافين لاءِ ڌرتي سوڙھي ڪئي وئي آهي. ايترو عرصو گذر باوجود صحافين جي قاتلن جو گرفتار نہ ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي يا وري قاتلن جي سرپرستي ڪري رھي آھي.
ترجمان موجب شھرين جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي. پر سنڌ ۾ جھڙي طرح بدامني لاقانونيت صحافين جو قتل ۽ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آھي ان مان نٿو لڳي تہ سنڌ ۾ بہ حڪومت ۽ قانون نالي جي ڪنھن شيءِ جو وجود باقي آھي.
جماعت اسلامي موجب عوام توڙي سياسي جماعتون بار بار ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرست ظالم سردارن خلاف زور دار نتيجہ خيز آپريشن جي گھر ڪئي پئي وڃي پر انھن جي ڪنن تي جون بہ نٿي سري جيڪا بي حسي جي انتها آھي.
بيان ۾ گهر ڪئي وئي ته شھيد صحافي نصراللہ گڏاڻي جي قاتلن توڙي ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي.