ڪراچي (پ ر) ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان جي والد جو ٽيجهو آچر ڏهاڙي ٿيندو. ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز سنڌ محمد سليم خان جي والد محمد فاروق خان لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز جامعه مسجد گلزار مدينه بفرزون ۾ ادا ڪئي وئي۔
محمد سليم خان جي والد جي جنازي نماز ۾ اڳوڻي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر صغير احمد، اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر اطلاعات محمد يوسف ڪابورو ۽ ٻين آفيسرن گورنر هائوس آفيسرن، ملازمن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
محمد سليم خان جي والد جي ايصال ثواب لاء قرآن خواني ۽ ٽيجهو 30 جون آچر تي ظهر ۽ عصر جي وچ ۾ جامع مسجد گلزار مدينه بفرزون ۾ ٿيندو.