ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي مالي سال 25-2024 جو بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، اپوزيشن جي شديد احتجاج باوجود 76 ارب رپين جو فنانس بل به منظور ڪيو ويو، جنهن خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.
سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي بجيٽ بابت اپوزيشن ميمبرن طرفان ڪٽوتيءَ جون 12 سو کان وڌيڪ تحريڪون پيش ڪيون ويون، ڪجهه تحريڪن تي بحث بعد اسپيڪر اپوزيشن جي منظوري بعد سمورين تحريڪن کي گڏ ڪري پيش ڪيو، جن کي ايوان اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي جي فنانس بل جي منظوري دوران اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي احتجاج ڪندي چيو ته فنانس بل کي منظور نه ڪيو وڃي نه ته اسان ايوان جي ڪارروائي جو حصو نه بڻجنداسين.
فنانس بل جي مرحليوار منظوري بعد وڏي وزير جو چوڻ هو ته اپوزيشن وٽ گهڻو وقت هو ته فنانس بل خلاف اعتراض جمع ڪرايا وڃن ها پر ائين نه ڪيو ويو.
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندڙ ميمبرن جو ٿورو مڃيندي اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
Pakistan Sindh Budget2024
You might also like