اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان مان اسانجي سرزمين تي دهشتگردي ٿي رهي آهي، جواب ڏيڻ اسان جو حق آهي.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته مون ٻه ڏينهن پهريان چيو هو ته افغانستان مان اسانجي سرزمين تي دهشتگردي ايڪسپورٽ ٿي رهي آهي ۽ انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته اتي دهشتگردن ٺڪاڻا موجود آهن.
بچاءَ واري وزير چيو ته اسان ٻئي ملڪ جيڪڏهن ڀائيراڻي لاڳاپن ۾ رهڻ چاهيون ٿا ته ان کان سٺي ڪا ڳالهه ناهي.
هن مخالف ڌر جي اڳواڻ اسد قيصر کي درخواست ڪئي ته انهي مامري تي سياست نه ڪئي وڃي.
Pakistan KhawajaAsif PMLN