پنهنجي محبت لاءِ آخري دم تائين وڙهنديس: ملائيڪا اروڙا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ملائيڪا اروڙا چيو آهي ته هوءَ پنهنجي محبت لاءِ آخري دم تائين وڙهندي رهندي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا چيو ته هو پنهنجي سچي محبت تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندي ڇو ته هوءَ هڪ اسڪارپين آهي.
اداڪارا چيو ته هوءَ حقيقت پسند انسان آهي ۽ کيس خبر آهي ته محبت ۾ ڪيتري حد تائين وڃڻو آهي.
ڀارتي ادڪارا ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي بواءِ فرينڊ اداڪار ارجن ڪپور جي سالگرهه جي موقعي تي پوسٽ ڪري مداحن کي ٻڏتر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.
ارجن ڪپور ۽ ملائيڪا اروڙا و چ ۾ بريڪ اَپ جون خبرون انڊسٽري ۾ گرم آهن ۽ نئين پوسٽ انهن خبرن هوا ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.