ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ به هيٽ اسٽروڪ جا مجموعي طور تي 212 ڪيسز رپورٽ ٿيا، 24 ڪلاڪن ۾ هيٽ اسٽروڪ سان 7 ڄڻا فوت ٿيا جنهن بعد مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 17 ٿي ويو.
صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته سينٽرل ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ هيٽ اسٽروڪ جا 98 ڪيسز رپورٽ ٿيا.
ترجمان موجب ڪورنگي ۾ 18،ملير ۾ 14، ڏکڻ ضلعي ۾ 40 ۽ اولهه ضلعي ۾ 30 ڪيسز رپورٽ ڪيا ويا.
ترجمان جو چوڻ هو ته صحت کاتي 205 مريضن کي شروعاتي طور تي طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو.
karachi HeatWave Pakistan
You might also like