راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون سزا خلاف اپيلون رد ڪيون ويون.
ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي محفوظ فيصلو ٻڌايو.
ان موقعي تي اڊيالا جيل ٻاهران سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظاميا ڪيا ويا هئا ۽ جيل ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا هئا.
جج طرفان اپيلن تي فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج شروع ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي عدت ۾ نڪاح بابت ڪيس ۾ 3 فيبروري 2024 تي 7-7 سال قيد جي سزا ٿي هئي، جنهن کي هنن چئلينج ڪيو هو.
ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا عدت ۾ نڪاح ڪيس جو فيصلو 25 جون تي محفوظ ڪيو هو، هاڻ سزا خلاف مرڪزي اپيلن تي ٻڌڻي 2 جولاءِ تي ٿيندي.
imrankhan bushrabibi pti