پاڪستان ۾ عام چونڊن ۾ مبينا بي ضابطگين جي جاچ جي حوالي سان آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءَ تي رد عمل ڏيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪي ٺهراءَ جي مقابلي ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي اجلاس دوران خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي ٺهراءَ جو سخت نوٽيس ورتو آهي، ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو.
هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ مسودو تيار ڪيو ويو، ٺهراءُ جو مسودو اپوزيشن سان به شيئر ڪنداسين، اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين.
پرڏيهي وزير اپوزيشن اڳواڻن سميت سڀني پارٽين کان آمريڪي ٺهراءَ خلاف گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
نائب وزيراعظم چيو ته مان پنهنجي حڪومت جي پاليسي هتي پيش ڪندس، هتي چيو ويو ته گڏيل قومن جي ٺهراءُ تي حڪومت ڪجهه نه ڪيو ته مان چوان ٿو ته آمريڪي ٺهراءَ بابت پرڏيهي کاتي ڪالهه رد عمل ڏنو هو….
پاڪستان پاران آمريڪي قراداد جو نوٽيس، قومي اسيمبلي ۾ جوابي ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان
You might also like