ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ خميس ۽ جمعي تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ خميس ۽ جمعي تي برسات کان اڳ آنڌاري جو به امڪان آهي، شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به مينهن وسي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ خميس ۽ جمعي تي منجهند يا شام جو برسات جو امڪان آهي.
You might also like