پاڪستاني اداڪار علي عباس سوشل ميڊيا جي غلط استعمال سبب ان تي پابندي لڳائڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.
اداڪار تازو ئي ايف ايڇ ايم جي پوڊڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ خاص ڪري پنهنجي انهي پهلو کي پنهنجي گفتگو ۾ شامل ڪيو.
اداڪار علي عباس سوشل ميڊيا کي هڪ گند وانگي قرار ڏيندي چيو ته سڄي پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي وڃي.
علي عباس جو چوڻ هو ته فيسبڪ،انسٽاگرام، ايڪس،يوٽيوب ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارم تي 18 سال جي گهٽ عمر جي ماڻهن جي استعمال تي پابندي لڳائڻ گهرجي، صرف اهو ئي نه انهن پليٽ فارمز جي نگراني ڪئي وڃي.
ياد رهي ته ڊراما سيريل ”بي لغام“ ۾ عفان جي ڪردار مان شهرت جي بلندين تائين پهچڻ وارو اداڪار علي عباس ناليواري اداڪار وسيم عباس جو پٽ آهي.
Pakistan SocialMedia AliAbbas
You might also like