علي امين اندران سرڪاري ۽ ٻاهران پي ٽي آءِ جو وڏو وزير بڻجي ويندو آهي:ڪنڊي

پشاور  (م ڊ )  خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور اندران سرڪاري وڏو وزير هوندو آهي جڏهن ته ٻاهر اچي هو پي ٽي آءِ جو وڏو وزير بڻجي ويندو آهي. سوشل ميڊيا تي انٽرويو ڏيندي ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آپريشن عزم استحڪام تي پارليامينٽ، صوبائي اسيمبلين، سياسي پارٽين ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. اهي هن سلسلي ۾ صدر آصف زرداري ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي پيغام پهچائيندا. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽين ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي ڀروسي ۾ نه وٺنداسين ته آپريشن ڪيئن ڪامياب ٿيندو؟ صوبي جي ڏاکڻي ضلعي ۾ دهشتگردي وڌي چڪي آهي . ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي پنهنجي ضلعي ۾ شام جو سفر ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. هن چيو ته مان عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جي باچا خان مرڪز ويو هئس اي اين پي جا به آپريشن عزم استحڪام تي ڪافي خدشا هئا، انهن جي هڪڙي ڳالهه ڪجهه حد تائين صحيح به هئي ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي ڀروسي ۾ نه وٺندو ته آپريشن ڪيئن ڪامياب ٿيندو. پ پ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو صوبائي صدر ته انهي فيصلي جو حصو هو، وڏو وزير ته پاڻ اتي موجود هو، انهي نه ته اتي واڪ آئوٽ ڪيو نه ئي وري اهو چيو ته منهنجي پارٽي کي ڀروسي ۾ نه ورتو ويو، هن ته اهو به نه چيو ته اسيمبلي ۽ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺو. هن وڌيڪ چيو ته هي اتي سڀ ڪجهه صحيحون ڪري ايندا آهن بعد ۾ ڦري ويندا آهن اها ته چوري ۽ سينه زوري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.