عائشا رضا فاروق پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عائشا رضا فاروق کي پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب عائشا رضا فاروق جي مقرري وزيراعظم جي هدايت تي ڪئي وئي آهي ۽ سندس فوڪل پرسن جو عهدو اعزازي هوندو.
هوءَ وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي، جڏهن ته نيشنل پوليو اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت به ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عائشا رضا فاروق پوليو روڪ مهم جي نگراني ۽ ان لاءِ ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي سربراهي ڪندي، گڏوگڏ پوليو ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ سفارشون به ڏيندي.
ذريعن موجب عائشا رضا انٽرنيشنل پارٽنرز سان ڪوآرڊينيشن ۽ انٽرنيشنل ڊونرز سان رابطا ڪندي، جڏهن ته عالمي سطح تي پوليو بابت پاڪستان جي نمائندگي به ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.