اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سولر پئنل لڳرائيندڙن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن موجب وزيراعظم چيو آهي ته سولر پئنلز تي ڪنهن قسم جي نئين ڊيوٽي نه لڳائي ويندي.
هن چيو ته عام ماڻهو جي شمسي توانائي تائين پهچ يقيني بڻائي ويندي، گهٽ لاڳت سان شمسي توانائي هر شهري تائين پهچائينداسين.
shahbazsharif pmln solarpanel