گولڊ ميڊلسٽ اتقا معين قتل ڪيس جو جوابدار فرار، اهلڪار خلاف ڪيس داخل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت دوران گولڊ ميڊلسٽ انجنيئر اتقا معين قتل جي مرڪزي جوابدار جي فرار ٿيڻ واري مامري تي ڪورٽ پوليس جي غفلت سامهون اچي وئي.
پوليس ذريعن موجب اهلڪارن جوابدار کي هٿڪڙي يا زنجير نه هنئي هئي،هاءِ پروفائل ڪيس جي جوابدار کي عام ماڻهن وانگي عدالت آندو ويو.
ذريعن موجب جوابدار ظاهر عدالت کان واپسيءَ تي قيدين جي وين ۾ منتقلي دوران اهلڪار کي ڌڪو ڏنو، عدالت جي احاطي ۾ رش جو فائدو کڻندي جوابدار آساني سان فرار ٿي ويو.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي هٿن کي ٻڌو وڃي ها ته صورتحال مختلف هجي ها، واقعي جو ڪيس داخل ڪري غفلت ڪرڻ تي هڪ اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو.
سٽي ڪورٽ جي چوڌاريءَ لڳل ڪيمراز کي چيڪ ڪيو پيو وڃي، شهر کان ٻاهر خاص ڪري بلوچستان ويندڙ رستن تي به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
پوليس ٻڌايو آهي ته بلوچستان ويندڙ مسافر گاڏين ۾ به خاص ڪري تلاشي جاري آهي، جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا به هنيا پيا وڃن.
ياد رهي ته گولڊ ميڊلسٽ نوجوان اتقا جي قتل الزام ۾ جوابدار ظاهر کي بلوچستان مان گرفتار ڪري ڪراچي آندو ويو هو.
جوابدار جي فرار ٿيڻ جو ڪيس سٽي ڪورٽ ٿاڻي ۾ ڪانسٽيبل اشتياق احمد خلاف داخل ڪيو ويو، جڏهن ته جوڊيشل مجسٽريٽ ڪيس ۾ نامزد اهلڪار جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
Pakistan Karachi SindhPolice

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.