پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا مهوش حيات بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
تازو ئي اداڪارا وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب چينل جي پوڊڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
اداڪارا انٽرويو دوران پنهنجي زندگي، ڪيرئر ۽ انڊسٽري سميت مختلف موضوعن تي کلي ڪري خيالن جو اظهار ڪيو.
مهوش حيات هڪ سوال جو جواب ڏيندي انڪشاف ڪيو ته مونکي بالي وُوڊ فلمن جي آڇ ٿي پر ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هن انٽرويو دوران ٻڌايو ته مونکي بالي ووڊ مان ڪيتريون ئي آڇون ٿيون پر سڀني کي انڪار ڪري ڇڏيو.
اداڪارا هن جو سبب ٻڌائيندي چيو ته منهنجي لاءِ پاڪستان ۾ ئي ڪم جا شاندار موقعا موجود آهن، مان پاڪستاني سينيما جي بحالي ۽ ڪامياب ترين فلمن ۾ حصو رهي آهيان، مونکي پنهنجي ملڪ ۾ وڌيڪ عزت ملي آهي.
هن جو چوڻ هو ته منهنجي فلمن کي ماڻهو پنهنجي فيملين سان گڏجي ڏسڻ ايندا آهن اها ئي مون لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، ايتري ڪاميابي ۽ عزت ملڻ بعد مونکي محسوس ٿيو ته بالي ووڊ جي آڇ قبول نه ڪرڻ گهرجي.
pakistan Showbiz Mehwish Hayyat
You might also like