ميرپورماٿيلو (رپورٽر) ميرپورماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.
شهيد صحافي جي قتل ڪيس جي اي ٽي سي ۽ سيڪنڊ مئجسٽريٽ ۾ ڌار ڌار ٻڌڻي ٿي.
گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
سيڪنڊ سول جج موڪل تي هجڻ ڪري فريادي ۽ شاهدن جو 164 وارن بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو.
ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.