ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن رهيو، جتي 100 انڊيڪس ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 578 پوائنٽ گهٽجي 78 هزار 232 تي بند ٿيو ۽ اڄ ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 1220 پوائنٽس تي بينڊ ٿيندو رهيو.
ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس جي اڄ گهٽ کان گهٽ سطح تي 78 هزار 167 جڏهن ته بلند ترين 79 هزار 388 رهي.
بازار ۾ اڄ 38.5 ڪروڙ شيئرز جا سودا 15.45 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 88 ارب رپيا گهٽجي 10 هزار 321 ارب رپيا آهي.
ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 540 پوائنٽس کان گهٽجي هڪ لک 26 هزار 237 پوائنٽس تي بند ٿيو.
StockExchange karachi pakistan
You might also like