سنڌ ۾ هر مهيني ايڇ آءِ وي جا سراسري طور 260 نوان ڪيس سامهون اچڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي جا هر مهيني سراسري طور 260 نوان ڪيس سامهون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اختيارين موجب هلندڙ سال جنوري کان مئي تائين ايڇ آءِ وي جا 1300 کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، ايڇ آءِ وي جي نون ڪيسن ۾ ٻارن جو انگ 10 کان 15 سيڪڙو هوندو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته ايڇ آءِ وي جا وڌيڪ ڪيس لاڙڪاڻي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچي مان رپورٽ ٿيا.
اختيارين موجب سنڌ ۾ جنوري ۾ ايڇ آءِ وي جا 257 ۽ فيبروري ۾ 256 ڪيس سامهون آيا، مارچ جي مهيني ۾ 258 ۽ اپريل ۾ 239 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هن سال مئي جي مهيني ۾ ايڇ آءِ وي جا 293 نوان ڪيس سامهون آيا.

hiv sindh karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.