آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ مئچ افغانستان آسٽريليا کي شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
افغان ڪرڪيٽ ٽيم پهريان کيڏندي آسٽريليا کي 149 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڪينگروز 127 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 48 هين مئچ ۾ آسٽريليا افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو.
پهريان کيڏندي افغانستان جي ٽيم مقرر اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسون اسڪور ڪيون.
افغاني اوپنر رحمان الله گرباز ۽ ابراهيم زدران ٽيم کي 118 رنسن جي پارٽنرشپ سان سٺو اسٽارٽ ڏنو.
آسٽريليا جي بالرز جو مقابلو ڪندي رحمان الله گرباز 49 بالن ۾ 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 60 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته زبراهيم زدران 48 بالن تي 6 چوڪن جي مدد سان 51 رنسون ٺاهي سگهيو.
آسٽريليا جي پيٽ ڪمنز 28 رنسن عيوض 3 وڪيٽون وٺي ٽي ٽُوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل ٻين هيٽرڪ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
Afghanistan Australia T20WorldCup2024
You might also like