ڪنهن به آپريشن به حمايت نٿا ڪيون، عسڪري قيادت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڪنهن به آپريشن جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي عسڪري قيادت کان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي.
بئريسٽر گوهر چيو ته ڪو به آپريشن ٿئي ان لاءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، ڪا به ڪميٽي ڪيڏي به وڏي هجي پارليامينٽ کان سپريم ناهي، آئين موجب پارليامينٽ سپريم آهي.
هن چيو ته اڳ جيان هاڻ به عسڪري قيادت پارليامينٽ ۾ اچي ان ڪئميرا بريفنگ ڏئي ۽ اعتماد ۾ وٺي، اسان ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي احتجاجي طور پارليامينٽ مان واڪ آئوٽ ڪيو.
اسد قيصر چيو ته اسان ڪنهن به طور تي آپريشن جي حمايت نٿا ڪري سگهون، اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، اپوزيشن سان مشاورت ناهي ڪئي وئي، اڳ به ڪيترائي آپريشن ٿيا ڪهڙو ڪامياب ٿيو؟ اسان امن چاهيون ٿا پر ظلم جي خلاف آهيون.
اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته ڪنهن به قسم جي آپريشن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، چين جي اهم ماڻهن به سي پيڪ جي سيڪيورٽي تي خدشن جو اظهار ڪيو، ملڪ ۾ رول آف لا هوندو تڏهن ئي ملڪ ۾ امن ايندو، ماڻهن کي ڏنڊا هڻي ملڪ ۾ امن نٿو آڻي سگهجي.

pti omarayub pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.