ايم ڪيو ايم جو 12 لک رپيا ساليانو پگهار تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ امين الحق ساليانو 12 لک رپيا آمدني واري پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر امين الحق چيو ته موجوده بجيٽ قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ ختم ٿي وڃي ٿي، افغانستان ۽ ڀارت کي ڏسون ته اسان جي ملڪي صورتحال سٺي ناهي.
هن چيو ته دفاع لاءِ 2100 ارب رکڻ بهترين فيصلو آهي، پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت ڪندي آهي ته اسان سمهندا آهيون.
امين الحق مطالبو ڪيو ته اي او بي آءِ جو معاوضو 10 مان وڌائي 12 هزار ڪيو وڃي ۽ 12 لک ساليانو پگهادار طبقي تي ٽيڪس ختم ڪيو وڃي.

aminulhaq pmln budget2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.