سيما حيدر جي معاملي ۾ نئون موڙ اچي ويو ۽ ٻارن جي پيءُ غلام حيدر جي ڀارتي وڪيل مومن ملڪ پاڪستاني ۽ نيپالي صدرن کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته سيما حيدر ۽ ٻار پاڻ نه ويا پر کين نيپال مان اغوا ڪري ڀارت آندو ويو هو، چار ٻار پنهنجي ماءُ سيما حيدر سان گڏ نيپال 10 مئي 2023 ۾ وزٽ تي ويا هئا، جتان ٻارن کي کٽمنڊو ايئرپورٽ تان اغوا ڪري غير قانوني طور ڀارت منتقل ڪيو ويو آهي.
خط جي متن موجب جوابدار سچن مينا چار ٻارن کي ربوپورا ضلعي گوتم ٻڌ نگر اتر پرديش ڀارت ۾ رکيو آهي، مسلمان ٻارن تي تشدد ڪري انهن جو مذهب تبديل ڪرايو پيو وڃي، ٻارن کي ڀارت منتقل ڪرڻ انساني سمگلنگ جو معاملو آهي، جيڪو نيپال جي سرزمين تي ٿيو.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيپال جو قانون ٽوڙيو ويو آهي ۽ نيپالي فارنر ايڪٽ جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، نيپال جي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ کٽمنڊو ۽ منسٽري آف هوم افيئرز کي به شڪايت موڪلي آهي، تنهن ڪري نيپال جي حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته جوابدار سچن جي غير قانوني قبضي مان چئني ٻارن کي آزاد ڪرايو وڃي.
خط جي ڪاپي اينٽي ٽريفڪنگ کٽمنڊو نيپال، اسلام آباد ۾ نيپالي سفارتخاني ۽ ٻين کي به موڪلي وئي آهي.
seemahyder india nepal