جنرل (ر) باجوا سان نواز شريف جي ڪا ملاقات نه ٿي: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جنرل (ر) باجوا سان نواز شريف جي ڪا ملاقات نه ٿي، محمد زبير جي بيان جي ترديد ٿي چڪي آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پ پ ن ليگ جي اتحادي جماعت آهي، آئين ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مفاهمت ۽ سهڪار جي فضا کي برقرار رکڻو آهي، پ پ قيادت کي انهن چئلينجن جو احساس آهي، جيڪي ملڪ کي پيش آهن.
هن چيو ته ڪنهن به اتحاد ۾ ننڍيون ننڍيون شڪايتون ٿينديون رهنديون آهن، ڪو اهڙو مسئلو ناهي جنهن سان ن ليگ ۽ پ پ جي اتحاد کي خطرو هجي، خدشن کي بهتر نموني حل ڪيو ويندو آهي، اسان اتحاد ڪاميابي سان هلائينداسين.

ahsaniqbal pmln nawazsharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.