”صوبائي حڪومتون سيڪيورٽي جي ذميواري فوج تي وجهي آجيون نه ٿيون ٿي سگهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيڪيورٽي معاملن کي رياست جي رڳو هڪ اداري تي ڇڏڻ خطرناڪ روش آهي، صوبائي حڪومتون سيڪيورٽي جي ذميواري فوج تي وجهي آجيون نه ٿيون ٿي سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عسڪري قيادت، وڏن وزيرن، گورنرن، چيف سيڪريٽرين، وفاقي وزيرن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اختيارين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ سڀني رياستي ادارن جو گڏيل فرض آهي، قومي سلامتي جو مسئلو گهڻي عرصي کان نظرانداز ٿي رهيو آهي، پاڪستان مختلف حوالن سان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج جون قربانيون بي مثال آهن پر سيڪيورٽي جا معاملا رياست جي رڳو هڪ اداري تي ڇڏڻ خطرناڪ روش آهي، گذريلن سالن ۾ حڪومتون دهشتگردي جي حوالي سان آجيون رهيون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان سڀني کي ذميواري کڻڻي پوندي.

shahbazsharif pmln pakarmy

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.