پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروائيون، 22 دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروائيون ڪري 22 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب مظفر ڳڙهه، اٽڪ، ننڪانه صاحب ۽ بهاول نگر سميت ٻين شهرن ۾ ڪارروائيون ڪيون ويون، جن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ٻن ۽ القاعدا جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو ته مجموعي طور تي 22 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، جن جي قبضي مان ڌماڪيدار مواد، موبائل فونز ۽ روڪ رقم برآمد ڪئي وئي.
ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد مختلف هنڌن تي حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.

punjab ctd pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.