ورلڊ ڪپ سپر 8 مرحلو، ويسٽ انڊيز آمريڪا کي گهمائي لاٿو

برج ٽائون (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ ويسٽ انڊين ٽيم آمريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
بارباڊوس جي شهر برج ٽائون ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي آمريڪي ٽيم 128 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اينڊريز گوس 29، نتيش ڪمار 20، ملند ڪمار 19 ۽ شيڊلي وين شاڪ وڪ 18 رنسون ٺاهيون.
ويسٽ انڊيز جي روسٽن چيز ۽ رسل 3-3، جوزف 2 ۽ گداڪيش موتي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
جواب ۾ ويسٽ انڊيز 10.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو.
جانسن چارلس 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته شاءِ هوپ 82 ۽ نڪولس پوران 27 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

iccmen’st20worldcup wivsusa internationalcricketcouncil

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.