چين جي خدشن تي اپوزيشن جو ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس گهرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب آرمي چيف کان چيني شهرين بابت سيڪيورٽي ناڪامي تي فوري طور ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عمر ايوب چيو ته چين جي اعليٰ ترين قيادت پاڪستان ۾ چيو ته چيني ماهرن جي حياتين کي خطرو حقيقت ۾ سي پيڪ جي سيڙپڪاري لاءِ خطرو آهي، چيني قيادت طرفان ان حد تائين سيڪيورٽي خطرو ٻڌائڻ خطرناڪ آهي.
هن چيو ته آرمي چيف فوري طور ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس گهرائي، جيڪا رڳو چيني شهرين ۽ ماهرن جي سيڪيورٽي تي هجڻ گهرجي، ڪانفرنس هيل تائين سيڪيورٽي جي ناڪامي جو به جائزو وٺي، ٻڌايو وڃي ته ويگو وارا چيني شهرين کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگردن جي ڪڍ به آهن يا رڳو پي ٽي آءِ جي پويان لڳل آهن.

omarayub pmln pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.