سني اتحاد ڪائونسل ۾ غير مسلم ميمبر نٿو بڻجي سگهي، مخصوص سيٽن جي اهل ناهي: اليڪشن ڪميشن جو جواب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي جواب موجب سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ٿيون ڏئي سگهجن، مخصوص سيٽن جي فهرست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 24 جنوري هئي پر سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ فهرست جمع نه ڪرائي.
اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته اميدوارن کان تحريڪ انصاف نظرياتي جو چونڊ نشان ڏيڻ جو سرٽيفڪيٽ گهريو ويو، پوءِ اميدوارن تحريڪ انصاف نظرياتي جي چونڊ نشان تان پاڻ هٿ کنيو ۽ پي ٽي آءِ نظرياتي جي چونڊ نشان تان هٿ کڻڻ کانپوءِ آزاد اميدوار قرار ڏنا ويا.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊن کانپوءِ آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا، سني اتحاد ڪائونسل کي اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽون نه ڏيڻ جو 1-4 جو فيصلو ڏنو ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي اپيل تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو.
اليڪشن ڪميشن جي جواب موجب سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ اهل ناهي، سني اتحاد ڪائونسل جي آئين موجب غير مسلم جماعت جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي، سني اتحاد ڪائونسل عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي اهل ناهي.

supremecourtofpakistan ecp pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.