اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت ستين قومي مالياتي ڪميشن ( اين ايف سي ) ايوارڊ ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، قومي مالياتي ڪميشن کي پهرين جولاءِ کان اڳ نئون ايوارڊ ڏيڻو آهي ۽ موجودا قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ واڌ ڪرڻي آهي.
ذريعن موجب، قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ پنجن سالن لاءِ هوندو آهي، نئون ايوارڊ طئي نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت موجودا قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ واڌ حڪومت جي سفارش تي صدر ڪندو آهي.
ذريعن موجب، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ 2011 کان ورڇ جوڳن وسيلن جي ورهاست جاري آهي، موجودا ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورڇ 82 سيڪڙو آبادي ۽ 10 ڏهائي 3 سيڪڙو غربت جي بنياد تي ڪئي وئي آهي ۽ وسيلن جي ورهاست تي 5 سيڪڙو ۽ ايريا جي بنياد تي 2 ڏهائي 7 سيڪڙو ورڇ جوڳن وسيلن جو فارمولو ٺاهيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ستين ايوارڊ تحت صوبن کي ورڇ جوڳن وسلين جو 57 ڏهائي 5 سيڪڙو ۽ مرڪز کي 32 ڏهائي 5 سيڪڙو ملندو آهي.
Prev Post
You might also like