ورلڊ ڪپ دوران پاڪستاني ڪرڪيٽر جون پارٽيون، موج مستيون، ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم شايد هڪ ٽيم جيان نظر نه آئي جنهن جي کوڙ سارن ڪارڻ آهن پر هڪ سڀ کان اهم ڪارڻ ميگا ايونٽ دوران رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف سان گڏ 26 کان 28 ماڻهن تي ٻڌل گروپ ڪرڪيٽرز جون زالون، ٻار ۽ گهرڀاتين جو هو.
حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته فاسٽ بالر محمد عامر سان ورلڊ ڪپ دوران پنهنجو ذاتي ٽرينر به گڏ هو.
ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيم جي پرڏيهي ٽرينر جي موجودگيءَ ۾ محمد عامر ذاتي ٽرينر سان ٽريننگ ڪندو هو، ٽرينر آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري دوران به عامر سان گڏ هو.
محمد عامر ذاتي ٽرينر لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان خصوصي اجازت ورتي هئي، ٽرينر جو خرچ هن پاڻ ادا ڪري رهيو جڏهن ته انتظام پي سي بي ڪيا هئا.
آمريڪا جي ميچ دوران 18 رنز جو سپر اوور هلائيندڙ محمد عامر رٽائرمينٽ کانپوءِ ٽيم ۾ آيو هو پر هو ٽيم سان گڏ پريڪٽس نه ڪندو هو.
عامر کانسواءِ محمد رضوان، فخر زمان ۽ وهاب رياض جي گهرواري ۽ ٻار ٽيم سان گڏ سفر ڪندا رهيا.
ڪپتان بابر اعظم جي ماءُ، پيءَ، ڀائر، عماد وسيم ۽ حارث رئوف جون گهرواريون به عالمي ڪپ ٽيم سان گڏ رهيون، ميچن کانپوءِ پارٽيون، کاڌي پيتي جا دور به هلندا رهيا، ان ئي موج مستيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب پاڪستان جو سفر پهرين ئي رائونڊ ۾ ختم ٿي ويو .

pakistancricketteam T20Worldcup2024 pcb

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.