اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين تاريخ رقم،100 انڊيڪس 80 هزار جي حد کان ٽپي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

عيد بعد مسلسل ٻئين ڪاروباري ڏينهن تي به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

اڄ به ڪاروبار جي شروعات سان ئي 100 انڊيڪس ۾واڌ ڏسڻ ۾ آئي ۽ هڪ مقوعي تي انڊيڪس 1199 پوائنٽس جي اضافي بعد 80001 تي ٽريڊ ڪندو ڏٺو ويو.

ياد رهي ته عيد بعد پهرين ڪاروباري ڏينهن به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جا 100 انڊيڪس 2 هزار 95 پوائنٽس بعد اضافي سان 78 هزار 802 پوائنٽس تي بند ٿيو.

PakistanStockExchange Market Records

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.