ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل مائرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن ننڍي عمر ۾ شادي ڪئي هئي، شادي کانپوءِ کيس خبر پئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي ٽين زال هئي.
اداڪارا مائرا خان جي هڪ مختصر ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي شادي جي ڳالهه ڪري رهي آهي.
اداڪارا جو چوڻ آهي ته منهنجو دوست مون کي سالگرهه جي پارٽيءَ ۾ وٺي ويو، جتي مون پنهنجي مڙس سان ملاقات ڪئي ۽ فون نمبرن جي مٽا سٽا ڪئي.
مائره خان جو چوڻ آهي ته مون کي اها به خبر نه هئي ته ڇا ٿيو ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ منهنجي شادي ٿي وئي.
شاديءَ کان پوءِ جڏهن مان پنهنجي مڙس جي گهر ويس ته خبر پئي ته مان سندس ٽين زال آهيان.
مائرا خان جو چوڻ هو ته منهنجي مڙس شادي کان اڳ مون کي اهو نه ٻڌايو هو ته هو شادي شده آهي ۽ کيس ٻه زالون آهن.
اداڪارا جو چوڻ آهي ته ان وقت منهنجي عمر 15 کان 16 سال هئي، منهنجا ساهرا هيٺ ۽ مان مٿي رهندي هيس، منهنجي ماءُ به مون سان گڏ رهندي هئي، مان انهن 7 کان 8 سالن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس.
فلم ”دادل“ ۾ بلقيس بلوچ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره مائره خان چيو ته جهيڙو ٿيو ۽ منهنجي ماءُ کي ڌڪا ڏنا ويا جنهن کانپوءِ مون سوچيو ته هاڻي هتي نه رهنديس.
مائره خان جو چوڻ هو ته مون پنهنجي ماءُ کي چيو ته اهڙيءَ طرح تون سڄي زندگي لٺيون کائيندي رهندين، هتان هلون ٿا، پوءِ هڪ رات اسان اهو گهر ڇڏي ڏنو، اسان وٽ رڳو هڪ ٿيلهو ۽ ڪجهه پئسا هئا، پوءِ مون ڪڏهن به پوئتي نه ڏٺو.
اداڪارا ڪلپ ۾ وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي ماءُ جي حوالي سان تمام گهڻي حساس آهيان، اڄ تائين مون جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو صرف پنهنجي ماءُ لاءِ ڪيو آهي، مان پنهنجي ماءُ کي ڪڏهن به خراب ٿيندي ڏسي نه سگهنديس.
مائرا خان ڪير آهي؟
مائره خان هڪ پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل آهي جنهن پاڪستاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو آهي.
مائره پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ ماڊل طور ڪئي ۽ بعد ۾ اداڪارا بڻي.
هوءَ مختلف پاڪستاني ٽيليويزن ڊرامن ۾ نظر اچي چڪي آهي، سندس مشهور ڊرامن ۾ ”چيخ“، ”ياريان“ ۽ ”بيوفا“ شامل آهن.
مائره فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي، پر ٽيليويزن ۾ سندس ڪم وڌيڪ نمايان آهي.
مائره پنهنجي اداڪاري کان سواءِ پنهنجي فيشن جي سڃاڻ ۽ فيشن سان لاڳاپيل مواد لاءِ به مشهور آهي.
MairaKhan PakistaniActress PakistaniModel