ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي، بابر اعظم ۽ محمد رضوان خلاف ڪارروائي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ پاڪستان ٽيم جي بدترين ڪاڪرردگي کانپوءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ اي جي ڪيٽيگري مان ٻاهر ٿيڻ جو خدشو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب، نئين سليڪشن ڪميٽي به مختصر هوندي جيڪا سينٽرل ڪانٽريڪٽ کي حتمي شڪل ڏيندي جڏهن ته رانديگرن جا معاوضا نه گهٽايا ويندا.
ذريعن موجب، نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي ڪم جاري آهي، بنگلاديش خلاف ٽسٽ سيريز ۾ شان مسعود ڪپتان ۽ بابر اعظم بيٽر طور کيڏندو.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان کانسواءِ محمد رضوان جو ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ جاءِ برقرار رکڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

T20Worldcup2024 BabarAzam MohammadRizwan PakistanCricketTeam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.