اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان چين کانپوءِ روس جي گيم چئينجر منصوبي ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو.
سفارتي ذريعن موجب، روس جي صدر والاديمير پيوٽن گذريل سال اسٽيٽ آف دي يونين ۾ خطاب ڪندي
پاڪستان کي نارٿ سائوٿ انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ ڪوريڊور ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ان منصوبي ۾ شموليت تي راضپو ظاهر ڪندي ڳالهه ٻولهه ۽ لاڳاپيل طريقيڪار تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪاميابيءَ سان 10 لک ٽن روسي ڪچو تيل درآمد ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن وچ ۾ زراعت جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهي.
ذريعن موجب، پاڪستاني نارنگيءَ جي پهرين کيپ ايران ۽ آذربائيجان جي رستي روس پهچائيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سي پيڪ سان گڏوگڏ شاهراهه ريشم کي آءِ ٽي سي ۾ استعمال ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، روسي فيڊريشن کان ڪاٺ جي درآمد تي به غور ڪيو پيو وڃي.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني شاگردن کي روسي يونيورسٽيز ۾ تعليم جا موقعا ڏيڻ تي به ڪم جاري آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ماحولياتي پائيداري تي به ڳالهيون هلندڙ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي پيڪ جيان روس جو انٽرنيشنل نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊو گيم چئنيجر ثابت ٿي سگهي ٿو، رٿا ذريعي پاڪستان جا ايران، آذربائيجان سميت خطي جي ٻين ملڪن سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا.
You might also like