ڪرڪيٽر محمد شامي سان ٻي شادي جي خبرن تي ثانيا مرزا جي پيءُ جو بيان سامهون اچي ويو

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي پيءُ عمران مرزا ڌيءَ جي ڪرڪيٽر محمد شامي سان ٻي شادي جي افواهن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
ڪيئي ڏينهن کان ڀارتي ميڊيا ۾ ثانيا مرزا ۽ فاسٽ بالر محمد شامي جي مستقبل ۾ شادي ڪرڻ جا افواهه ڪردش ڪري رهيا آهن.
افواهن ان وقت زور پڪڙيو جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن ثانيا مرزا سان گڏ شامي جون ايڊٽ ٿيل تصويرون اَپ لوڊ ڪري ڇڏيون، وائرل تصويرن ۾ شامي گهوٽ جي روپ ۾ نظر اچي رهيو آهي.
مختلف رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته شامي ۽ ثانيا هلندڙ سال آگسٽ ۾ شادي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اڃا تائين ٻنهي طرفان ڪو به تصديقي يا ترديدي بيان جاري ناهي ڪيو ويو،
ٻئي پاسي ثانيا مرزا جي والد عمران مرزا افواهن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران مرزا واضح ڪيو ته هي سڀ بڪواس آهي، ثانيا ته محمد شامي سان ڪڏهن ملي به ناهي.

sanaiamirza MohammadShami ImranMirza

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.