فيصل واوڊا جو پارليامينٽ ميمبرن بابت وڏو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ڪيترن ئي پارليامينٽ ميمبرن وٽ سمگلڊ گاڏيون آهن، گذريل تاريخن ۾ نوٽيفڪيشن ڪيو پيو وڃي جيڪو ڏوهه آهي، ناڻي ۽ صنعت واري وزير کي ڪا خبر ئي ناهي.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، فيصل واوڊا آٽو موبائل سيڪٽر بابت گفتگو ڪندي چيو ته نوٽيفڪيشن 12 فيبروري جو ڪڍيو ويو پر جاري هاڻ ڪيو ويو، ناڻي وارو وزير ۽ صنعت وارو وزير لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ ايف بي آر چيئرمين کي گهرائي پڇي.
هن چيو ته مراعتون ڏئي واپس وٺڻ مجرماڻي غفلت آهي، ان تي سخت ايڪشن ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن انڊسٽري کي تحفظ فراهم نٿو ڪيو وڃي ته سيڙپڪاري نه ٿيندي، اهو هڪ وڏو اسڪينڊل آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته هڪ پاليسي ڏني وئي، پوءِ تبديلي ڪري سيڙپڪاري کي نقصان پهچايو ويو، ايس آءِ ايف سي جي پاليسي کي نقصان پهچايو پيو وڃي، مون کي اها خبر آهي ته ڪير ڪير ان ۾ ملوث آهي، نالو کڻڻ ۾ هڪ سيڪنڊ نه لڳندو، مان ڪاروباري ماڻهو آهيان، مون کي خبر آهي ته اسڪينڊل ۾ ڪير ڪير ملوث آهي.

faisalvawda pmln senateofpakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.