بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل) بڊاڻي ۾ پوليس چوڪي تي ڏوهارين جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.
بڊاڻي ويجهو مياڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهاري ٽولي گنڊير پوليس پڪٽ چوڪي تي ڪاهه ڪري حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار غلام مصطفي راڄپر، صدام حسين سيال، راجا خان راڄپر زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، جتي هڪ غلام مصطفيٰ راڄپر زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي پيو.
رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي ٻڌايو زخمي جوانن جا حوصلا بلند آهن، ھنن زخمي ٿيڻ باوجود جوابي فائرنگ ۾ ٻن ڏوھارين کي زخمي ڪيو، جنھن بعد ڏوھاري زخمين کي کڻي فرار ٿي ويا، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
badani larkana sindh