خانپور مهر ۾ ارڙي جا هاڃا جاري، وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت

خانپور مهر (رپورٽر) خانپور مهر ۽ ڀرپاسي ارڙيءَ جا هاڃا جاري آهن ۽ وڌيڪ هڪ ٻارڙي حياتي وڃائي ويٺي.
ڳوٺ ٽوھه مهر بمبلي ۾ اڍائي ورهين جي ثانيه ڌي سجاد ملڪ ارڙي وگهي فوت ٿي وئي.
وارثن موجب ٻارڙي هڪ هفتي کان ارڙي ۾ مبتلا هئي، جيڪا اڄ فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته ساڳئي ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، صحت کاتي جون ٽيمون اماڻي ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.

khanpurmahar sindh ghotki

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.