ٽڪ ٽاڪ حڪومت جي شڪايت تي هزارين تڪراري وڊيوز هٽائي ڇڏيا

مختصر وڊيو پليٽفارم ٽڪ ٽاڪ پاڪستاني حڪومت جي درخواست تي 93.5 سيڪڙو تڪراري وڊيوز هٽائي ڇڏيا.
ٽڪ ٽاڪ جي تازي ٽرانسپيسي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارم پاڪستاني حڪومت خاص طور تي ٽيلي ڪميونڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سان مواد کي هٽائڻ بابت خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ ڪجهه اهم نڪتا
2023ع جي ٻئين ڇهه ماهي ۾ ٽڪ ٽاڪ کي پاڪستاني حڪومت خرفان 30 درخواستون موصول ٿيون، جن جي نتيجي ۾ رپورٽ ڪيل مواد جو 93.5 سيڪڙو هٽايو ويو.
پليٽفارم ڪميونٽي گائينڊلائينز جي خلاف ورزي سبب مواد جي 12،392 حصا ۽ مقامي قانون جي خلاف ورزي جي ڪري 2،126 حصا هٽايا ويا.
Pakistan TikTok Govt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.