شادي تقريب ۾ دل بند ٿيڻ سبب ڪنوار فوت

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ شادي جي موقعي تي ڪنوار دل بند ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب افسوسناڪ واقعو مصر جي ڏکڻ گورنري المنيا ۾ موجود بني مزار سينٽر ۾ پيش آيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چرچ ۾ 20 ورهين جي ڪنوار جي شادي جي تقريب هلي رهي هئي، جنهن دوران کيس تڪليف محسوس ٿي پر شادي تقريب سبب گهر ڀاتي کيس اسپتال وٺي وڃڻ کان قاصر رهيا.
رپورٽ موجب شادي جي تقريب کانپوءِ ڪنوار جي تڪليف وڌي وئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو پر هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.
ڊاڪٽرن موجب ڪنوار جو لاڏاڻو هارٽ اٽيڪ سبب ٿيو.

Egypt wedding bride
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.