اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت حج دوران هيٽ ويو سبب 35 پاڪستاني فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
پاڪستان جي حج مشن جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالوهاب سومرو موجب حج دوران گرمي پد 50 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب اهو هڪ ڏکيو حج هو.
هن ٻڌايو ته منيٰ ۾ 4، عرفات ۾ 3 ۽ مزدلفه ۾ 2 پاڪستانين جو موت ٿيو، جڏهن ته 20 پاڪستاني حاجي مڪي ۽ 6 مديني شريف ۾ فوت ٿيا.
hajj2024 saudiarabia ksa